سنڌ

مٺي ۾ پيئڻ جي پاڻي جي بندش خلاف احتجاجي مظاهرو

مٺي ۾ پيئڻ جي پاڻي فراهمي بند هجڻ خلاف شھر جي مختلف ڪالونين جي سوين ماڻھن نهال چند سوراني، رڻڇو لوهار، ڌاڻو ڪولهي ۽ سومار مينگهواڙ جي اڳواڻي ۾ خالي ٿانو کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو. هنن چيو ته شھر جي سدا بهار ڀيل ڪالوني، سومرا ڪالوني، هار پاڙو، ميگهواڙ پاڙو ۽ ڪولهي ڪالوني سميت مختلف ڪالونين جا رهواسي پاڻي ڦڙي لا تڙپي رهيا آھن. انتظاميا خاموش بڻيل آھي، اسين پاڻي لا سخت پريشان آھيون، اسانجي دانهڻ باوجود ڪو کڙتيل نه نڪتو، علائقو ڪربلا بڻجي ويو آھي. هنن گهر ڪئي ته ڪالونين ۾ پاڻي فراهم ڪري پريشاني کان بچايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button