پاڪستانپنجابعالمي

آئين جون حدون اورانگهيندڙ مقدس نه ڏوهي آهن:نوازشريف

لاهور/لنڊن : نواز ليگ جي سربراهه ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته اسان جو آئين واضح چئي ٿو ته ملڪ ۾ مقدس ڳئون اهو ئي آهي، جيڪو آئين جي پاسداري ڪري ۽ آئين جون حدون اورانگهيندڙ مقدس نه آئين جا ڏوهي آهن، بلڪه ملڪ جا غدار آهن ۽ جيڪڏهن اسان سڌارو نه آندو ته مستقبل اونداهو ٿي سگهي ٿو. ڪالهه لاهور ۾ ڪوٺايل انساني حقن جي چيمپيئن عاصما جهانگير ڪانفرنس کي آن لائن خطاب ڪندي نواز شريف چيو ته عاصما جهانگير سڄي عمر عدل، انصاف، حق ۽ سچ جي جنگ وڙهندي رهي. اهو چوڻ غلط نه هوندو ته هوءَ بنا خوف سچ چوندڙ بهادر عورت هئي، موجوده جبر ۽ ٻوسٽ جي ماحول ۾ سندس کوٽ محسوس ٿي رهي آهي. هن چيو ته قوم ۾ گهري ٿيندڙ مايوسي ۽ بي وسي هن وقت سڀ کان خطرناڪ پهلو آهي. تاريخ شاهد آهي ته جڏهن قومون مايوسي جي ڌٻڻ ۾ ڦاسنديون آهن ته پوءِ قوم جي بقا جا سوال جنم وٺڻ شروع ٿيندا آهن. اڄ قوم وري سوال اٿاري رهي آهي ۽ اڄ 22 ڪروڙ عوام جي جيڪي جواب گهربل آهن، جيڪڏهن اهي نه مليا ته مسئلا حل نه ٿيندا. سندس چوڻ هو ته موجوده دور اظهار جي آزادي ۽ انساني حقن جي حوالي سان ڪارو ترين دور ثابت ٿيو آهي. سياسي مخالفن، سياسي ڪالم نگارن يا سچ ڳالهائيندڙ ڪنهن به آواز کي ان جي سوال تي گم يا قيد ڪيو ويندو آهي، گوليون هنيون وينديون آهن يا نوڪري کسي ويندي آهي. نواز شريف چيو ته هتي آئين ٽٽندا آهن، قانون ٽٽندا آهن، عدالتون ٽٽنديون آهن ۽ من پسند ججن کان پنهنجي مرضي جا فيصلا ورتا ويندا آهن. آمرن کي قانوني حيثيت هتي ملندي آهي ۽ رياست مٿان رياست هتي هلائي ويندي آهي. سياسي انجنيئرنگ جون فيڪٽريون لڳايون وينديون آهن، ووٽ کي عزت ناهي ملندي. پارليامينٽ جي خود مختياري جو حال اهو آهي ته ڪجهه منٽن ۾ ڪيترائي قانون بلڊوز ڪيا ويندا آهن. فون ڪري ضمانتيون روڪيون وينديون آهن، ڇا مارشل لا کي قانوني قرار ناهي ڏنو ويو؟ ڇا عدالتن ڊڪٽيٽرن کي آئين ۾ ترميم جي اجازت نه ڏني؟ هن چيو ته ڪانفرنس ۾ ڏنل تجويزن جي روشني ۾ فوري طور حڪمت عملي جوڙي وڃي، سڀ گڏجي ويهن ۽ حڪمت عملي اختيار ڪن ته جيئن هڪ عملي جدوجهد اختيار ڪري سگهجي. اسان وڌيڪ دير برداشت نٿا ڪري سگهون، اهو ڪم اڄ ئي ڪجي ته جيئن قوم کي گهري کاهيءَ مان ڪڍي سگهجي. جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته ملڪ جو ان کاهيءَ مان نڪرڻ ناممڪن ٿي ويندو ۽ تاريخ اسان کي ڪڏهن معاف نه ڪندي. هن 22 ڪروڙ قوم جو حق آهي ته مهانگائي ۽ بيروزگاري مان نجات ڏياري وڃي. هن احسن ڀون کي اليڪشن کٽڻ تي مبارڪون پڻ ڏنيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button