اسلام آبادپاڪستان

ججن کي سياسي ميڙاڪن کان پري رهڻ گهرجي:شهزاد اڪبر

اسلام آباد :احتساب ۽ گهرو معاملن بابت وزيراعظم جي صلاحڪار شهزاد اڪبر چيو آهي ته معزز ججن کي سياسي ميڙاڪن کان پري رهڻ گهرجي. شهزاد اڪبر، عاصمه جهانگير جي ياد ۾ تعزيتي ڪانفرنس ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي خطاب جي حوالي سان ردعمل ڏنو. هن چيو ته چيف جسٽس کانپوءِ مفرور شخص جو خطاب رکيو ويو، معزز ججن کي اهڙن سياسي ميڙاڪن کان پري رهڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته نواز شريف جو خطاب رکڻ تي ڪانفرنس جي انتظاميا جي غير جانبداري تي سنجيده شڪ شبها پيدا ٿيا آهن. واضح رهي ته ان کان اڳ فواد چوڌري به نواز شريف جو خطاب رکڻ تي ڪانفرنس ۾ شرڪت کان معذرت ڪئي هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button