پاڪستانسنڌ

ميرپورخاص ۾ گهر مان 19 لک جو ڌاڙو، پ پ جي وائيس چيئرمين کان 7 لک ڦر

ميرپورخاص: ميرپورخاص ۾ بدامني رڪجي نھ سگھي، چار ڦورو گھرڌڻين کي يرغمال بڻائي 19 لک رپيا رقم ۽ سونا زيور ڦر ڪري فرار ٿي ويا. هٿياربند پ پ جي وائيس چيئرمين کان 7 لک رقم ڦري ويا. خبر موجب ميرپورخاص جي غريب آباد ٿاڻي جي حد آدم ٽائون ۾ چار ھٿياربند مھيش نالي شخص جي گھر ۾ داخل ٿي گھر ڀاتين کي يرغمال بڻائي ورتو، جنهن بعد هٿياربند 19 لک رپيا روڪ ۽ 8 تولا سونا زيور ڦر ڪري فرار ٿي ويا. ان سلسلي ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي گھر جي ھڪ ڀاتي اميت ڪمار ٻڌايو تھ ڦورو اوچتو داخل ٿيا ۽ ھٿيار تاڻي گھر ۾ پيل 19 لک رپيا ۽ 8 تولن جا زيور کڻي ويا. ٻئي طرف مھراڻ ٿاڻي جي حد ۾ يوسي 6 جي وائيس چيئرمين ۽ شاهه پمپ ھوٽل جي مالڪ ذوالفقار اعواڻ کان نامعلوم موٽرسائيڪل سوار هٿياربند کيس گھر سامھون يرغمال بڻائي 7 لک رپيا روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا. ھوڏانھن اطلاع ملڻ تي حد جي پوليس پھچي گھرڀاتين کان تفصيل ورتا. ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او امتياز جوڻيجو چيو تھ گھرڌڻين ٻڌايو آھي تھ ڦورو پاسي واري زير تعمير گھر مان داخل ٿيا ۽ سمورن گھر ڀاتين کي يرغمال بڻائي ڦر ڪري ويا. ياد رھي ته ميرپورخاص ۾ بدامني چوٽ چڙھي وئي آهي. گذريل ٻن مھينن دوران مختلف علائقن ۾ شھرين کان نامعلوم ھٿياربند ھڪ ڪروڙ رپين کان مٿي جي رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا آھن، پر پوليس اڃان ڪا ڪاروائي ناهي ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button