پاڪستانسنڌ

ميرپورخاص جي گيسٽ هائوس ۾ قتل عورت جي ڪيس ۾ 3 ماڻهو گرفتار

ميرپورخاص: ميرپورخاص جي ٽائون ۽ وومين پوليس ڪجھه ڏينھن اڳ سومرا گيسٽ ھائوس ۾ ڳلو ڪپي قتل ڪيل عورت منا شيخ جي ڪيس ۾ مبينا طور ملوث عورت رخسانا شيخ، سندس ساٿين ڍولو ۽ مڊم شيخ کي کي گرفتار ڪري ورتو. پوليس موجب قتل ۾ ملوث عورت جوابدار قتل جو اعتراف ڪيو آھي. ان ڏس ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي وومين ٿاڻي جي ايس ايڇ او مومل لغاري چيو تھ جاچ دوران ڄاڻايل عورت کان پڇا ڳاڇا ڪئي تھ ھن جا بھ ھٿ وڍيل ھئا، جنھن بعد کيس گرفتار ڪري پڇا ڳاڇا ڪئي تھ ھن قتل جو اعتراف ڪيو ۽ اھو بھ ٻڌايو تھ ڪنھن جي چوڻ تي ھن قتل ڪيو. ايس ايڇ او موجب رخسانا شيخ ٻڌايو آھي تھ سندس ڌي بيمار ھئي، کيس 50 ھزار رپين جي ضرورت ھئي، جنھن بعد ڍولو ۽ منڊم نالي عورت کيس چيو تھ ھو اھا رقم کيس ڏيندا، ان لاءِ ھو منا شيخ کي قتل ڪري سندس سونيون واليون لاھي کڻي اچي. ٻئي طرف گرفتار ٿيل رخسانا شيخ پڻ ميڊيا آڏو اعتراف ڪندي چيو تھ کيس پئسن جي ضرورت ھئي، ان ڪري ھن مڊم ۽ ڍولو شيخ جي چوڻ تي اھڙي واردات ڪئي. ھن اھو پڻ چيو تھ منا شيخ کي ڀنگ پيئاري ھئي، جنھن بعد ھو بيھوش ٿي تھ کيس بليڊ سان ڳلو ڪپي قتل ڪيو. بعد ۾ ڍولو ۽ مڊم کيس پئسا بھ نھ ڏنا ۽ فرار ٿي ويا. ٻئي طرف گرفتار ٿيل مڊم ڳالھائيندي چيو تھ رخسانا ڪوڙ ڳالھائي رھي آھي، اسان ان ڪيس ۾ ملوث ناھيون ۽ ڍولو منھنجي ڀاءُ جو پٽ آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button