پاڪستانسنڌ

اسلام ڪُوٽ ويجهو پٽ ما جي قبر تي وڃي خودڪشي ڪري ڇڏي

اسلام ڪوٽ:اسلام ڪوٽ ويجهو پيرسن پٽ پنهنجي ما جي قبر تي وڃي خودڪشي ڪري ڇڏيو، سندس وڻ ۾ ٽنگيل لاش هٿ آيو. ڳوٺ آڏي جو تڙ ۾ 70 ورهين جي پيرسن ڪانجي ڀيل جو هڪ ڏينهن پراڻو وڻ ۾ ٽنگيل لاش هٿ آيو. اطلاع ملڻ تي پوليس لاش لهرائي موبائل ۾ کڻي اسپتال آندو، لاش هڪ ڏينهن پُراڻو هجڻ سبب ڌپ ڪري ويو هو، ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، وارثن واقعي کي خودڪشي قرار ڏنو، فوتي پيرسن جي پٽ جيٺانند ڀيل ٻڌايو ته بابا ڪالهھ گهران هڪ سئو رپيا کڻي نڪتو هو ۽ چيائين کٽمٽڙا وٺي ڏاڏي جي قبر تي وڃان ٿو، جنهن بعد هن قبرستان پهچي اُتي وڻ ۾ ڦاهو کائي خودڪشي ڪئي، بابا جو دماغي توازن ٺيڪ نه هو، اسان وڌيڪ ڪا به ڪاروائي ڪرائڻ نه ٿا چاهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button