اسلام آبادپاڪستان

عدليا کي پنهنجي آزادي پنهنجي ڪردار سان بحال ڪرڻي پوندي: پي ڊي ايم

اسلام آباد: پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان حڪومت خلاف 6 ڊسمبر تي انتهائي اهم فيصلا ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ چيو ته عدليا کي پنهنجي آزادي ۽ خودمختياري پنهنجي ڪردار سان بحال ڪرڻي پوندي، اسان کي عدالتن جو احترام آهي پر دل ڏُکيل آهي، گهر جي شاهدين کانپوءِ سوال اٿي پيا آهن. پي ڊي ايم سربراهي اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي فضل الرحمان چيو ته شرڪت ڪندڙن پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ قانون سازي جي عمل کي رد ڪري ڇڏيو، قانون ڪنهن هڪ ايوان ۾ پيش ڪيو ويندو آهي، اتان قبول يا رد ٿيندو آهي، ٻئي ايوان ۾ به قانون رد ٿي وڃي ته گڏيل اجلاس سڏايو ويندو آهي، اڳوڻي چيف جسٽس جي مبينا آڊيو ٽيپ جي معاملي تي مولانا فضل الرحمان چيو ته ماضي جي چونڊيل وزيراعظم خلاف سازشون ظاهر ٿيون، اها ڪنهن فرد نه ملڪ خلاف سازش آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button