سنڌ ماسٽر پلان اٿارٽي طرفان حيدرآباد جي 20 سالن جي ماسٽر پلان ٺاهڻ لا پنجاهه ڪروڙن جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي. ميئر حيدرآباد ڪاشف شورو عهدو سنڀاليندي ئي حيدرآباد لا ماسٽر پلان جو اعلان ڪيو هو، جنهن بعد ميونسپل ڪمشنر ايڇ ايم سي انيس دستي 12 جولا تي خط لکي سنڌ ماسٽر پلان اٿارٽي کي حيدرآباد لا ماسٽر پلان ٺاهڻ جي گذارش ڪئي هئي. جڏهن ته سنڌ حڪومت 20 سالن جو ماسٽر پلان ڏنو آهي. پلان ايڇ ايم سي ۽ سنڌ حڪومت جي منظوري بعد 24 مهينن جي مدت ۾ مڪمل ڪيو ويندو. 26 جولا تي سنڌ ماسٽر پلان اٿارٽي جي ڊائريڪٽر ايڇ ايم سي جي ميونسپل ڪمشنر طرفان 12 جولا تي لکيل خط جي جواب ڏيندي حيدرآباد ماسٽر پلان ٺاهڻ لا لاڳت ۽ وقت سان گڏوگڏ 21 صفحن تي ٻڌل سفارشون موڪليون ويون آهن. اٿارٽي موجب حيدرآباد ماسٽر پلان 2047 تائين شهر ۾ ٿيندڙ تعمير ۽ ڦهلا جو مڪمل پلان ڏيندي. پلان ۾ رهائشي صنعتي، ڪاروباري ۽ زراعت جي زوننگ سان گڏوگڏ تفريحي هنڌن، پنڌ هلندڙ ماڻهن لا فوٽ پاٿ ۽ سائيڪل هلائڻ وارن لا الڳ رستا ڏنا ويندا. ان کانسوا سفارشن موجب شهر جي ماحوليات جي بابت به پلاننگ ڪئي ويندي، شهر ۾ وڌندڙ پيئڻ جي پاڻي جي ضرورت، ڊرينيج ۽ برساتي پاڻي جي نيڪال لا اٽڪل 800 ملي ميٽر گنجائش جي حساب سان برساتي نالا ٺاهڻ به شامل آهن. ان ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي مستقبل ۾ ڳتيل آبادين ۾ گهڻ ماڙ عمارتون به ٺاهڻيون پونديون. شهر لا نوان بس ٽرمينل، فوڊ اسٽريٽ، آچر بازار، نرسريز، پارڪس ۽ گرين اسپيس به ٺاهيا ويندا. تعليم، صحت راندين جا ميدان يا اسپورٽس سٽي يا اولپمڪ وليج به ٺاهيا ويندا. شهر ۾ رهائشي علائقن کي ڪمرشل علائقن ۾ تبديل ڪرڻ لا به لائحه عمل ڏنو ويندو. ٽوئرزم ٺاهڻ لا پڻ پلاننگ ڪئي ويندي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close