سنڌ

حيدرآباد جو ماسٽر پلان، لاڳاپيل اختيارين 50 ڪروڙن جو ڪاٿو لڳائي ڇڏيو

سنڌ ماسٽر پلان اٿارٽي طرفان حيدرآباد جي 20 سالن جي ماسٽر پلان ٺاهڻ لا پنجاهه ڪروڙن جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي. ميئر حيدرآباد ڪاشف شورو عهدو سنڀاليندي ئي حيدرآباد لا ماسٽر پلان جو اعلان ڪيو هو، جنهن بعد ميونسپل ڪمشنر ايڇ ايم سي انيس دستي 12 جولا تي خط لکي سنڌ ماسٽر پلان اٿارٽي کي حيدرآباد لا ماسٽر پلان ٺاهڻ جي گذارش ڪئي هئي. جڏهن ته سنڌ حڪومت 20 سالن جو ماسٽر پلان ڏنو آهي. پلان ايڇ ايم سي ۽ سنڌ حڪومت جي منظوري بعد 24 مهينن جي مدت ۾ مڪمل ڪيو ويندو. 26 جولا تي سنڌ ماسٽر پلان اٿارٽي جي ڊائريڪٽر ايڇ ايم سي جي ميونسپل ڪمشنر طرفان 12 جولا تي لکيل خط جي جواب ڏيندي حيدرآباد ماسٽر پلان ٺاهڻ لا لاڳت ۽ وقت سان گڏوگڏ 21 صفحن تي ٻڌل سفارشون موڪليون ويون آهن. اٿارٽي موجب حيدرآباد ماسٽر پلان 2047 تائين شهر ۾ ٿيندڙ تعمير ۽ ڦهلا جو مڪمل پلان ڏيندي. پلان ۾ رهائشي صنعتي، ڪاروباري ۽ زراعت جي زوننگ سان گڏوگڏ تفريحي هنڌن، پنڌ هلندڙ ماڻهن لا فوٽ پاٿ ۽ سائيڪل هلائڻ وارن لا الڳ رستا ڏنا ويندا. ان کانسوا سفارشن موجب شهر جي ماحوليات جي بابت به پلاننگ ڪئي ويندي، شهر ۾ وڌندڙ پيئڻ جي پاڻي جي ضرورت، ڊرينيج ۽ برساتي پاڻي جي نيڪال لا اٽڪل 800 ملي ميٽر گنجائش جي حساب سان برساتي نالا ٺاهڻ به شامل آهن. ان ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي مستقبل ۾ ڳتيل آبادين ۾ گهڻ ماڙ عمارتون به ٺاهڻيون پونديون. شهر لا نوان بس ٽرمينل، فوڊ اسٽريٽ، آچر بازار، نرسريز، پارڪس ۽ گرين اسپيس به ٺاهيا ويندا. تعليم، صحت راندين جا ميدان يا اسپورٽس سٽي يا اولپمڪ وليج به ٺاهيا ويندا. شهر ۾ رهائشي علائقن کي ڪمرشل علائقن ۾ تبديل ڪرڻ لا به لائحه عمل ڏنو ويندو. ٽوئرزم ٺاهڻ لا پڻ پلاننگ ڪئي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button