زراعت ۽ ڪاروبارسنڌ

ايل بي او ڊي ۽ پراڻ ڍوري وچ ۾ لڳل لوهي گيٽ لڙهي ويو، وڏو گهارو، ڳوٺن کي خطرو

ايل بي او ڊي سم نالي کي آر ڊي 261 وٽان گھارو پئجي ويو آھي، گهارو ايل بي او ڊي ۽ پراڻ سم ڍوري جي وچ ۾ تازو لڳايل گيٽ لڙھي وڃڻ سبب پيو آھي. مقامي ماڻهن موجب آبپاشي کاتي طرفان اربين رپين جي لاڳت سان اصل وھڪرا بحال ڪرڻ جي نالي تي ڪم شروع ڪيو ويو جنھن دوران ايل بي او ڊي سم نالي ۽ پراڻ ڍوري جي وچ ۾ لوھي گيٽ لڳايو ويو جيڪو ھن وقت موجود پاڻي جي سٽ نه سھندي لڙھي ويو آھي ۽ نتيجي ۾ ايل بي او ڊي سم نالي جو پاڻي تيزي سان آبادين ڏانهن وڌي رھيو آھي، جڏھن ته آبپاشي کاتي جي اختيارين طرفان سرزمين تي ڪو به عملدار نه پهتو ھو، گھارو پوڻ ڪري ڀرپاسي جي سوين ڳوٺن ۾ خوف ۽ ھراس پکڙجي ويو آھي. گهاري واري هنڌ سماجي اڳواڻ علي نواز دلواڻي ڳوٺاڻن سان گڏجي پهتو، جتي ھن صحافين کي ٻڌايو ته آر ڊي 261 وٽان لڳل گھاري جو پاڻي ڳوٺ حاجي اوڀايو چانڊيو، ٻڍو چانڊيو، ڳوٺ ارباب انور ڀٽارو، ڳوٺ صديق دل، جيئو لنڊ ۽ ٻين ڳوٺن ڏانهن تيزي سان وڌي رھيو آھي ھن چيو ته پڙھيل لکيل انجنيئرن منصوبي ۾ اربين رپين جي ڪرپشن ڪري تباھي ڪئي آهي، اڃا برساتون پيون به ڪونھي پر ان کان اڳ معمولي وھڪرن ۾ پراڻ کي ڏنل گيٽ لڙھي ويا آھن. ھن سنڌ ها ڪورٽ جي چيف جسٽس کان مطالبو ڪيو ته منصوبي ۾ ڪيل ڪم جي عدالتي جاچ ڪرائي وڃي ۽ مقامي ماڻھن کي ھرسال وڏي تباھي کان بچائڻ لاءِ سخت قدم کڻي علائقي واسين کي جاني مالي نقصانن کان بچايو وڃي. واضح رهي ته جيڪو قديمي قدرتي پاڻي لنگھه ڍورو نارو، عمرڪوٽ، چيل بند، جھاھيرو ٿر، نبي سر، جنھاڻ، نھٽو، ھئدو، نئون ڪوٽ کان ٿيندو شڪور ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪندو ھو پر ايل بي او ڊي سم نالي جي نڪرڻ بعد آر ڊي 261 وٽ ڍوري جي نيڪال جو رستو بند آهي ۽ بار بار مطالبن وزيرن جي خاطرين باوجود انڊر پاس پل نـه ٺھي آهي، صرف ھڪ دروازو لڳل آهي جيڪو پڻ ٽٽي ويو، ڍوري وارو دروازو ٽٽڻ بعد ايل بي او ڊي جي پاڻي ۾ معمولي لاٿ آئي آهي پر ڍوري جي ڪنڌي تي ويٺل سوين ڳوٺ سال 2011، 2020 ۽ 2022 وارين ٻوڏن ۾ ٻڏي چڪا آهن ۽ ھن سال بـه ٻڏڻ جو خطرو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button