اسلام آبادپاڪستان

فوج کي بدنام ڪرڻ تي 2 سال قيد جي سزا:آرمي ايڪٽ ترميمي بل منظور

اسلام آباد: سينيٽ آرمي ايڪٽ ترميمي بل منظور ڪري ورتو. پيپلز پارٽي جي رضا رباني ۽ جماعت اسلامي جي مشتاق احمد تڪڙ ۾ بل منظور ڪرڻ تي احتجاج ڪيو. ان ڏس ۾ ڪالهه سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي جي صدارت هيٺ سينيٽ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ بچاءَ واري وزير خواجا آصف آرمي ايڪٽ 1952ع جو ترميمي بل منظوري لاءِ پيش ڪيو، جنهن کي ايوان منظور ڪري ورتو. بل جي متن موجب قانون جي ماتحت فوجي اهلڪار سياسي سرگرمي ۾ حصو نه وٺندو، لاڳاپيل اهلڪار رٽائرمينٽ، استعيفيٰ ۽ برطرفي جي ٻن سالن کانپوءِ تائين سياسي سرگرمي ۾ حصو نه وٺي سگهندو. جڏهن ته حساس ڊيوٽي تي مقرر اهلڪار 5 سالن تائين سياسي سرگرمي ۾ حصو نه وٺندو. ان سان گڏوگڏ سياسي سرگرمي ۾ حصو وٺڻ تي پابندي جي ڀڃڪڙي تي ٻه سال سزا هوندي. بل تحت اليڪٽرانڪ ڪرائم ۾ ملوث فوجي اهلڪار، جنهن جو مقصد پاڪ فوج کي بدنام ڪرڻ هجي، ان خلاف اليڪٽرانڪ ڪرائم تحت ڪارروائي ٿيندي. آرمي ايڪٽ تحت ڪو اهلڪار جيڪڏهن فوج کي بدنام ڪري يا ان خلاف نفرت پکيڙي، ان کي ٻن سالن تائين قيد ۽ ڏنڊ لاڳو ٿيندو. بل ۾ چيو ويو آهي ته سرڪاري حيثيت ۾ ملڪي سلامتي ۽ مفاد ۾ حاصل ڄاڻ جي غير مجاز انڪشاف تي 5 سالن تائين سخت سزا ڏني ويندي. پاڪستان ۽ پاڪ فوج جي مفاد خلاف انڪشاف ڪندڙ اهلڪار کي آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ ۽ آرمي ايڪٽ تحت منهن ڏنو ويندو. ترميمي بل موجب حاضر سروس يا رٽائرڊ فوجي اهلڪار ڊجيٽل، اليڪٽرانڪ يا سوشل ميڊيا تي ڪا اهڙي ڳالهه نه ڪندو، جنهن جو مقصد فوج کي اسڪينڊلائز ڪرڻ يا بدنامي هجي. ڏوهه ڪندڙ خلاف ڪارروائي آرمي ايڪٽ تحت ٿيندي، آرمي ايڪٽ تحت ڪو حاضر سروس يا رٽائرڊ اهلڪار جيڪڏهن فوج کي بدنام ڪندو يا ان خلاف نفرت پکيڙيندو ته ان کي آرمي ايڪٽ تحت ٻه سالن تائين قيد ۽ ڏنڊ لاڳو ٿيندو. آرمي چيف يا بااختيار آفيسر جي اجازت سان انڪشاف ڪندڙ کي سزا نه ملندي. ان کان علاوه بچاءَ واري وزير خواجا آصف سينيٽ جي اجلاس ۾ ڪنٽونمينٽ ايڪٽ 1924 (ڪنٽونمينٽس ترميمي بل 2023) ۾ وڌيڪ ترميم جو بل پيش ڪيو، جنهن جي ايوان منظوري ڏئي ڇڏي. ان دوران بچاءَ واري وزير ڊفينس هائوسنگ اٿارٽي اسلام آباد ايڪٽ 2013ع ۾ وڌيڪ ترميم جو بل پيش ڪيو، جنهن کي ايوان اڪثريت راءِ سان منظور ڪيو. اجلاس دوران پ پ سينيٽر رضا رباني چيو ته اسان کي اڄ صبح ڪجهه بل مليا آهن. اهي بل آرمي ايڪٽ، ڪنٽونمينٽس ۽ ڊفينس هائوسنگ اٿارٽي ايڪٽ سان لاڳاپيل آهن. بل کي لاڳاپيل اسٽينڊنگ ڪميٽي حوالي ڪيو وڃي. جماعت اسلامي جي سينيٽر مشتاق احمد چيو ته اسان سڀني کي فوج سان پيار آهي پر ايوان جي تقدس جو به خيال رکيو وڃي. بل ڪميٽي ڏانهن موڪليو وڃي، اجلاس دوران آرمي ايڪٽ ۾ ترميم شامل نه ڪرڻ تي رضارباني ۽ طاهر بزنجو ايوان مان واڪ آئوٽ ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button