اسلام آبادپاڪستان

تيز ترين قانونسازي ۾ حڪومت پي ٽي آءِ جو رڪارڊ به ٽوڙي ڇڏيو

اسلام آباد : پي ڊي ايم حڪومت پارلياماني تاريخ جي تيز ترين قانون سازي ۾ پي ٽي آءِ حڪومت جو رڪارڊ به ٽوڙي ڇڏيو آهي. هاڻوڪي اتحادي حڪومت بنا ڪورم جي مختصر وقت ۾ قانون سازي جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا، رڳو 15 ميمبرن هڪ ڪلاڪ ۾ 29 بل پاس ڪيا. قومي اسيمبليءَ مان منظور ڪيل 29 بلن مان 24 نين يونيورسٽين جي قيام سان لاڳاپيل آهن، جن ۾ نين يونيورسٽين جي قيام بابت 18 بل ڪالهه پيش ڪيا ويا جن جي منظوري ڏني وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button