نور محمد ڪلھوڙو
گھٽي اگر تو بس اِڪ مشت خاڪ ھي انسان،
بڙھي تو وسعت ڪونين مين نھ سما سڪي.
وڇوڙي جو وڍ، ڇا ٿيندو آھي، انھيءَ جي درد جي پروڙ انھيءَ مھل پوندي آھي، جڏھن ڪا پياري شيءِ کسجي وڃي، پر جيڪڏھن اھا اوچتو ئي اوچتو جھڙپ ڏئي کسجي وڃي تھ انھيءَ جي تڪليف ۽ ايذاءَ جو انداز ڪرڻ تمام گھڻو ڏکيو ۽ اذيتناڪ ھوندو آھي، پر انسان اھي وڇوڙي جا وڍ ننڍپڻ کان ئي شايد برداشت ڪندو ڏاڍو ٿيندو وڃي ٿو، جنھن جو اھو ئي مثال وٺي سگھجي ٿو تھ ٻاراڻي عمر ۾ ئي سندس ڪو عزيز، مٽ مائٽ، پاڙي اوڙي ۾ توڙي ننڍپڻ جي ڪنھن دوست جو وڇوڙو ٿئي ٿو تھ انسان اھي اکين جا ڳوڙھا ڳاڙيندو اڳتي وڌندو رھي ٿو، پر تنھن جي باوجود بھ انسان جي دل ۾ اھو جذبو برقرار رھندو آھي تھ سندس ڪو پيارو وڇڙي وڃي تھ ھو پنھنجي اکين ۾ آيل ڳوڙھا روڪي ناھي سگھندو، اھڙي ئي ڪيفيت منھنجي دل جي بھ ٿي ويندي آھي جڏھن مان اڪيلي سر ويھي پنھنجي پيارن دوستن، محسنن کي ياد ڪندو آھيان تھ دل سان گڏ ڪڏھن ڪڏھن اکيون بھ روئينديون آھن ۽ اھو ڪيڏي ڪيڏي مھل منھنجي گھر واري صفيھ ئي ڏسي سگھندي آھي ڇو تھ ٻاھر ڪڏھن بھ ائين ڳوڙھا ناھيان ڳاڙيندو.
اھو 29 جولاءِ 2022ع جمعي جو ڏينھن ھو، ھونءَ تھ سڄي ملڪ کي برسات ٻوڙي ڇڏيو ھو، منھنجي گھر جي ڇت بھ ٽمي پئي ھئي، جو سڄي رات منھنجي ننڍڙن بھ جاڳي گذاري ھئي، انھي ڏينھن لڳ ڀڳ ساڍي 10 وڳي ڌاري اختر بلوچ فون ڪئي تھ “ھيلو ماءِ لارڊ ڪٿي آھيو؟” مون جواب ۾ چيو تھ “سر گھر آھيان!” چيائين تھ “اچ تھ ڪجھھ ڳالھيون ڪرڻيون آھن، نئين بلاگ جي حوالي سان!” مون چيو تھ “سر ھلڪي ھلڪي برسات وسي پئي، جيئن تھ لائنز ايريا جي گھٽين جي اوھان کي خبر آھي، پر مان 12 وڳي تائين پھچي ويندس.” چيائين تھ “ٺيڪ آھي”.
تقريبن سوا 12 وڳي مان ڪراچي پريس ڪلب پھتس، اتي بھ مينھن جي ڪڻ ڪڻ پئجي رھي ھئي، مان وڃي اختر بلوچ سان مليس ۽ ڪارڊ روم ۾ ڪجھھ دير ويھي ڪچھري ڪئيسين، انھي کانپوءِ مون کي چيائين تھ “مان آرٽس ڪائونسل وڃان ٿو، انھي پروگرام ۾ مون کي تقرير بھ ڪرڻي آھي. پر تون ائين ڪيڏانھن نھ وڃجانءِ، مون سان ملندو پوءِ وڃجان.” مون چيو “ٺيڪ آھي”. ائين اختر بلوچ ۽ مان وري ھيٺ اچي ويٺاسين، ائين ڪندي اچي لان ۾ وري ڪجھھ دوستن سان گڏجي ويٺاسين، مينھن پوڻ دوران اختر بلوچ جي چھري تھ عجيب قسم جي خوشي پکڙيل ھئي، سندس چھري مان محسوس ئي نھ پئي ٿيو تھ ھن کي ڪا تڪليف آھي، پر برسات جي موسم کي خوب لطف ماڻي رھيو ھو، ڇاڪاڻ تھ اختر بلوچ ھونءَ بھ موسيقي سان محبت ڪندڙ ۽ خوش مزاج انسان ھو، تنھن ڪري موسم مان لطف پئي ورتائين. انھيءَ دوران اختر بلوچ اھو چئي تھ مان آرٽس ڪائونسل وڃان ٿو ۽ اٿي ھليو ويو.
مان دوستن سان گڏ ويٺو رھيس، ڪافي وقت گذري ويو، مون کي اختر بلوچ نظر نھ آيو تھ مان سوچيو تھ ھاڻ گھر وڃجي يا آفيس ڏانھن وڃجي ائين سوچي پريس ڪلب مان نڪري رھيو ھيس تھ موبائل فون جي گھنٽي وڳي، ڪال اٽين ڪيم تھ اختر بلوچ چيو تھ “ڪٿي آھيو؟” مون وراڻيو تھ “سر مان ڪلب جي گيٽ تي آھيان” چيائين تھ “اندر لان واري پاسي اچ” اوڏانھن ويس تھ پاڻ اٿي اچي مليو ۽ ڪجھھ پيسا مون کي ڏنائين ۽ چيائين تھ “ھيءَ ڪرايو ڪري وڃ، برسات پئجي رھي آھي ۽ بائيڪ تي آفيس وڃ جان” مون چيو تھ “اوڪي سر” ائين چئي موڪلايوسين.
31 جولاءِ 2022ع تي ڏينھن ڇنڇر جو ۽ رات آچر جي ھئي، رات جو آفيس کان دير سان پھتس، مينھن تيز وڏ ڦڙو وسي رھيو ھو، پر موبائل تي سوچيم تھ آيل ميسج ڏسي وٺان، واٽس ايپ کولي ڏٺم تھ سينيئر صحافي اڪبر جعفري جو ميسج آيل ھو تھ “سينيئر صحافي، محقق اختر بلوچ وڇڙي ويو” ڪال ڪري وري بھ تصديق ڪيم. گھر واري ڏسي چيو تھ “ھاڻ ھن وقت ڀلا ڇا ٿيو اٿئي جو روئي رھيو آھي؟!” مون چيو مانس تھ “اختر صاحب ھاڻ ھن فاني دنيا ۾ ناھي رھيو.”
صبح جو سندس گارڊن واري گھر پھتاسين تھ اتي سعيد جان بلوچ ٻڌايو تھ “اختر کي مان ڊاڪٽر وٽ وٺي ويو ھيس، ڪجھھ ٽيسٽ بھ ڪرايا ھئا، جيڪي نارمل آيا ھئا، پر رات جو اوچتو طبيعت خراب ٿي ۽ ھو اسان کان وڇڙي ويو.”