
لاڙڪاڻي ۾ وڻڪاري مهم هلائيندڙ سماجي تنظيم لاڙڪاڻو گرين اسٽارز ٽيم گورنمينٽ گرلس هاءِ اسڪول جي استادن ۽ شاگردياڻين سان گڏجي ٻوٽا پوکيا. جنهن ۾ تنظيم جي سرواڻ ذوالفقار مگسي سميت اسڪول جي پرنسپل ممتاز سولنگي، نسرين سانڊاڻو، شهناز مغل، ثريا عباسي، قمرالنساءِ ابڙو ۽ ٻين ٽيچرس حصو ورتو. ان موقعي تي ميڊم ممتاز سولنگي چيو ته وڻ ۽ ٻوٽا پوکڻ جا وڏا فائدا آهن، جيڪي ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جذب ڪري انسانن کي آڪسيجن فراهم ڪن ٿا، جيڪا انساني صحت لاءِ لازمي آهي.