سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ موٽرسائيڪل فوٽ پاٿ سان ٽڪرائجڻ سبب نوجوان فوت

لاڙڪاڻي ۾ تيز رفتار موٽرسائيڪل فوٽ پاٿ سان ٽڪرائجڻ سبب نوجوان فوت ٿي ويو. وليد ٿاڻي جي حد ستون نمبر ناڪي واري علائقي ۾ تيز رفتار موٽرسائيڪل فوٽ پاٿ سان ٽڪرائجي وئي، نتيجي ۾ ميروخان چوڪ واسي نوجوان اعجاز لولائي سخت زخمي ٿيو، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال آندو ويو، جتي ڊاڪٽرن نوجوان جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. ان موقعي تي نوجوان جي وارثن ٻڌايو ته نوجوان ڪم سان شهر وڃي رهيو هو ته تيزرفتاري سبب موٽرسائيڪل فوٽ پاٿ سان ٽڪرائجي وئي، جنهن ۾ هو فوت ٿي ويو. نوجوان جو لاش اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي قهرام مچي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button