سنڌ

سنڌ جي بند پيل اسڪولن تي ڀوتارن جا قبضا آهن:معظم عباسي

لاڙڪاڻي مان چونڊيل جي ڊي اي جي ايم پي اي ۽ لاڙڪاڻو عوامي اتحاد جي اڳواڻ معظم علي عباسي خيرپور ضلعي ۾ سيد عبدالقادر شاهه جيلاني جي دعوت تي درگاهه ڊرٻ ميهر پهتو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ايم پي اي معظم علي خان عباسي چيو ته سنڌ جي بند پيل اسڪولن تي سياسي ڀوتارن جا قبضا آهن ۽ انهن ڀوتارن کي سنڌ حڪومت جي پٺڀرائي حاصل آهي جنهن ڪري لکين معصوم ٻارڙا اسڪول کان ٻاهر آهن. آئون چيف جسٽس کي اپيل ڪندس ته هو نوٽيس وٺي ڀوتارن جي قبضي هيٺ اسڪولن کي کولرائڻ لاءِ جوڳا قدم کڻي ته جيئن ٻارن جي مستقبل کي روشن بڻائي سگهجي. هن چيو ته سنڌ جا حڪمران عوام کي رليف بدران سنڌ اسيمبلي کي پنهنجي مقصدن لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن پر هاڻي سنڌ جو عوام يزيدي حڪومت کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ چاهي ٿو. هن چيو ته زرداري حڪومت سنڌ ۾ طبقاتي نظام کي مضبوط ڪري غريب عوام کان اَٽو، لٽو ۽ اجهو ڦري رهيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button