سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ پيرسن جوڙي جو ناٺي تي ڌي کي قتل ڪرڻ جو الزام

لاڙڪاڻي جي ايئرويز ڪالوني واسي پيرسن جوڙي بااثر ناٺي ۽ پوليس جي مبينا زيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي پيرسن پورهيت دوست محمد شيخ گهرواري حسينه خاتون ۽ ڏهٽي سعيده سان گڏجي دانهيندي چيو ته ڪجهه سال اڳ ڌي شاهده جو مڙس امداد شيخ بيماري وگهي وفات ڪري ويو، جنهن بعد سندس شادي اي ايس آءِ علي گوهر جويو سان ڪرائي، ڌيءُ شاهده سان شادي ڪرڻ کان اڳ ناٺي علي گوهر جويو 10 لک ڏيڻ جو واعدو ڪيو، جنهن بابت هن دستاويز تي لکي ڏنو هو، پيسا گهرڻ تي هن منهنجي ڌيءُ شاهده کي گم ڪري ان سميت اسان مٿان رحمت پور ٿاڻي تي سون چوري جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو، جنهن ڪيس ۾ 9 مهينا جيل ڪاٽي چڪو آهيان. هن چيو ته جيل ۾ قيد هجڻ دوران گهرواري حسينه خاتون جي درخواست تي پوليس انڪوائري ڪئي. ڊي ايس پي ميران خان دراني ڄاڻايو ته ڌيءُ شاهده کي مڙس ۽ ٻين مائٽن قتل ڪري لاش گم ڪري ڇڏيو آهي. ان باوجود رحمت پور پوليس ظالم ناٺي خلاف ڪاروائي يا ڪيس داخل نه ڪيو آهي،

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button