سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ پورهيت جو پٽ جي قتل ۽ زمين تي قبضي خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي ويجهو ڳوٺ گلاب ڀٽو واسي پورهيت مبينا قتل ٿيل پٽ جي خون سان انصاف نه ٿيڻ ۽ زمين تي قبضي خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. پورهيت نثار ڀٽو دانهيندي چيو ته حسين بخش ڀٽو وارن سان پراڻو زمين جو تڪرار هلندڙ آهي. 2 سال اڳ 7 ورهين جو پٽ افسار عرف غلام رسول اسان لاءِ ماني کڻي اچي رهيو هو ته رستي ۾ جوابدار حسين بخش ڀٽو، بخشل ڀٽو، جاويد ڀٽو سميت هڪ اڻ سڃاتل پٽ کي بجلي تارن مان ڪرنٽ ڏئي قتل ڪيو هو. اهڙو ڪيس عاقل ايڪٽ پير شير ٿاڻي تي ڄاڻايل جوابدارن خلاف داخل ڪرايو، پر پوليس هڪ به جوابدار کي گرفتار ناهي ڪيو. هن چيو ته باقراڻي تعلقي جي ديهه ڏاداڻو ۾ اسان جي 48 جريب زمين تي ساڳيا جوابدار گذريل 5 سالن کان قبضو ڪيو ويٺا آهن. ڄاڻايل زمين بابت عدالت جو فيصلو اسان جي حق ۾ آيل آهي، پر ان باوجود زمين تان قبضو ختم نه ٿي سگهيو آهي. پٽ جي قتل ڪيس ۽ زمين جي مالڪي تان هٿ کڻڻ لاءِ جوابدار موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button