سنڌغير درجه بندي

لاڙڪاڻي هائي ڪورٽ جي وڪيل جو بااثر ماڻهن خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي جي ڳوٺ ڪنگا جي رهواسي هاءِ ڪورٽ لاڙڪاڻي جي وڪيل بااثرن جي مبينا زيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي ايڊووڪيٽ آغا احمد خان کرل دانهيندي چيو ته ديھه ڪنگا ۾ اسان جي 20 جريب زرعي زمين تي ڳوٺ جو بااثر پريل جتوئي سندس پٽ سڪندر جتوئي قبضو ڪرڻ چاهين ٿا، جن اڄ زمين تي وڃي ڪم ڪندڙ هارين کي ڌمڪيون ڏئي زمين مان ڪڍي ڇڏيو آهي. بااثرن مونکي قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون آهن. هن چيو ته اڳ به ساڳي بااثرن زمين تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، جنهن واقعي جي اين سي حد جي ڪنگا ٿاڻي تي داخل ڪرائڻ سميت ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي لکت ۾ شڪايت ڪئي آهي پر تنهن باوجود پوليس بااثرن خلاف ڪا ڪارروائي ناهي ڪئي، جنهن مان ثابت ٿيو ته پوليس بااثرن سان ٻٽ بڻيل آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button