سنڌ

اڪثر قتل واقعن کي خودڪشي جو رنگ ڏنو ويندو آهي:راشد محمود

جي يو آ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري مولانا راشد محمود سومرو، مولانا ناصر محمود سومرو ۽ محبت علي کهڙو شاگردياڻي نوشين ڪاظمي واري واقعي تي ڳالهائيندي چيو ته واقعي تي گھڻو دلي صدمو پهتو آهي، سنڌ ۾ نياڻين سان ظلم ٿي رهيو آهي، اڪثر خودڪشين جا واقعا قتل جا هوندا آهن جن کي خودڪشين جو رنگ ڏنو وڃي ٿو. هن چيو ته 2019 ۾ پهريون ڊاڪٽر نمرتا چنداڻي جي خودڪشي جو واقعو ٿيو جيڪو ڪاغذن ۾ دٻجي ويو، وري ساڳي هاسٽل ۾ دادو واسڻ نوشين ڪاظمي جو خودڪشي واقعو ظاهر ٿيو آهي، جنهن جي جيتري مذمت ڪجي اهو گھٽ آهي. هن چيو ته ان واقعي تي اعليٰ سطح تي تحقيقات ٿيڻ گھرجي ته اهو واقعو خودڪشي يا قتل ان کي فوري طور تي وائکو ڪيو وڃي. ٻڌايو پيو وڃي ته 3 ڪلاڪ گذرڻ باوجود ميڊيا کي هاسٽل کان پري رکيو ويو آهي جيڪو عمل درست ناهي ڪنهن به صورت ۾ انتظاميا جيڪڏهن واقعي جي حقيقت کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان خلاف ڀرپور مزاحمت ڪئي ويندي. هن چيو ته اها به تحقيقات ٿيڻ گھرجي ته ڪهڙن سبب ڪري اهڙا واقعا رونما ٿين ٿا. هن چيو ته آخرڪار چانڊڪا ڪاليج اهڙن المناڪ حادثن جي سرزمين ڇو پئي بڻجندي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button