رانديونسنڌ

ماتلي بوائز ڊگري ڪاليج ۾ اسپورٽس فيسٽول منعقد ڪيو ويو

ماتلي جي بوائز ڊگري ڪاليج ۾ هر سال وانگر هن سال به غير نصابي سرگرمين جو مقابلو ٿيو، جنهن جي شاندار تقريب ڪوٺائي وئي. جنهن ۾ پرنسپل پروفيسر رفيق احمد ڀٽي جي هدايتن تي اهڙو اسپورٽس گالا ملهايو ويو. جنهن ۾ شاگردن ۽ استاف ميمبرن ڪاليج ۾ ٿيندڙ اسپورٽس گالا ۾ ڀرپور شرڪت ڪندي سمورين راندين ۾ حصو ورتو ۽ شاگرد، استاد توڙي عملو راندين ۾ ڀرپور لطف ماڻيو، اسپورٽس گالا ۾ شاگردن رسو ڇڪڻ، فٽبال، ٽيبل ٽينس، آرم ريسلنگ، ڪرڪيٽ، لانگ جمپ، شاٽ پٽ، ڊسڪس ٿرو، جيولن ٿرو، والي بال، ٿرو بال، بيڊمنٽن ۽ ٻيون رانديون شامل هيون. جنهن ۾ شاگردن ڀرپور حصو ورتو. ان موقعي تي اسپورٽس گالا جو اهتمام ڪندڙ پروفيسر رئيس شيخ، پروفيسر عزادار حسين، پروفيسر رانا عدنان، پروفيسر محمد احسان عباسي، پروفيسر شفيق ڪيو، جڏهن ته ڊائريڪٽر فزيڪل ايجوڪيشن جهانگير سهروردي اسپورٽس آرگنائيزر هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button