سنڌ

قمبر ۾ ڳوٺاڻن جو بهرام پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو

بهرام جي ڳوٺ گل محمد چچو جي رهواسي عورتن ۽ ٻارڙن بهرام پوليس خلاف قمبر پريس ڪلب پهچي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي عبدالمجيد کوسو، علي کوسو، پيرل کوسو، ناهيد کوسو، سلمى کوسو، سڀائي کوسو ۽ ٻين چيو ته اسان جي گهرن مٿان قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ پوليس اٽالن چڙهائي ڪري نوجوان شاهنواز کوسو کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي. نوجوان جو ڪنهن سياسي تنظيم سان واسطو ناهي، جيڪڏهن شاهنواز مٿان ڪو ڪيس آهي ته کيس ظاهر ڪري ڪورٽ ۾ پيش ڪيو وڃي. هنن وس وارن کان اپيل ڪئي ته نوجوان کي بازياب ڪرائي سندن چيني ختم ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button