اسلام آبادپاڪستان

پي ٽي آئي دور ۾ 3 ارب ڊالر جو قرض وٺندڙ 628 ماڻهن خلاف جاچ جو حڪم

اسلام آباد : پارليامينٽ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي نيب کي 628 ماڻهن خلاف جاچ مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جن پي ٽي آءِ جي دور حڪومت ۾ 3 ارب ڊالرن جا نرم شرط تي قرض حاصل ڪيا ۽ آڊيٽر جنرل کي اسٽيٽ بئنڪ جي آڊٽ ڪرڻ جو به حڪم ڏئي ڇڏيو. اجلاس ۾ تحريڪ انصاف جي حڪومت دوران 628 ماڻهن کي آسان شرطن تي قرضن جي فراهمي جو جائزو ورتو ويو. نيب عملدارن جو چوڻ هو ته شروعاتي جاچ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته اسڪيم لاءِ شروعاتي طور 100 ارب رپيا رکيا ويا هئا، جنهن کي وڌائي 435 ارب رپيا ڪيو ويو. نيب عملدارن جو چوڻ هو ته ان اسڪيم تحت مجموعي طور 1145 ارب رپيا جاري ڪيا ويا، قرض وٺندڙن کي ڊگهي عرصي تائين 5 سيڪڙو جي وياج شرح تي قرض ڏنو ويو. رابطا ڪميٽي ميمبر سليم مانڊوي والا چيو ته قرض اصل ۾ ڊالرن ۾ ڏنو ويو جيڪو ملڪ کان ٻاهر ويو. هن سوال اٿاريو ته ڇا ان وقت ملڪ جي حالت اهڙي هئي جو اسان چار ارب ڊالر پرڏيهه موڪلي سگهون ٿا؟ رابطا ڪميٽي ميمبر حسين طارق چيو ته اهو قرض ڊالرن ۾ ورتو ويو هو روپين ۾ ادا ڪيو ويندو. چيئرمين نور عالم خان چيو ته جاچ ادارا مڪمل رپورٽ پيش ڪندا، انهن 628 ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. چيئرمين نور عالم جڏهن ڊيٽا ليڪ ٿيڻ جي جاچ ۾ اڳڀرائي بابت پڇيو ته ايف آءِ اي عملدارن چيو ته نادرا طرفان رڪارڊ فراهم نه ڪيو پيو وڃي. چيئرمين پي اي سي کي هدايت ڪئي ته چيئرمين نادرا رڪارڊ فراهم نه ڪري ته سندس خلاف ايف آءِ آر داخل ڪري کيس گرفتار ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button