شھدادپور: شھدادپور ويجھو ملدسي ۾ 12 سالن جي نينگري سان مبينا اجتماعي زيادتي ڪئي وئي، جنهن بعد نينگري کي سمس اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو آهي. ٻئي پاسي ملدسي پوليس نينگري سان مبينا زيادتي ۾ ملوث 4 جوابدارن کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو. ان سلسلي ۾ ميڊيا سان ڳالھائٔيندي مبينا اجتماعي يادتي جو نشانو بڻيل 12 سالن جي نينگري ٻڌايو ته ملدسي ۾ پاڙي ۾ خيرات تي ويل ھيس، واپس آيس پئيي ته رستي تي بيٺل 4 جوابدارن زبردستي اغوا ڪري ڳوٺ ڀرسان بيٺل وونئنٔڻن جي فصل ۾ وٺي وڃي زبردستي زيادتي جو نشانو بڻايو. نينگري جي والد ميڊيا کي بيان ڏيندي چيو آهي ته وحشي جوابدارن منهنجي ڌي سان اجتماعي لڄالٽ ڪري نينگري جي زندگي تباهھ ڪري ڇڏي آهي. گذريل شام ڌي خيرات کائٔڻ لا پاڙي ۾ ويل هئي، چئن وحشي جوابدارن زبردستي رستي مان اغوا ڪري فصل ۾ وٺي وڃي زيادتي جو نشانو بڻايو، اسان ڌي جي گم ٿيڻ سبب ڳولا لا نڪتاسين ته ڳوٺ ڀرسان بيٺل وونئٔڻن جي فصل ۾ ڌي جون رڙيون ٻڌيون، اتي پھتاسين ته ھڪ جوابدار کي سوگھو ڪيوسين ۽ ٻيا جوابدار فرار ٿي ويا. پڪڙيل جوابدار کي پوليس حوالي ڪيوسين. جوابدارن کي گرفتار ڪري سرعام ڦاهي تي چاڙھيو وڃي ۽ اسان سان انصاف ڪيو وڃي. ان احوالي سان پوليس پوسٽ انچارج منظور ٻٻر ٻڌايو ته نينگري سان مبينا اجتماعي زيادتي ۾ ملوث چئٔني جوابدارن کي گرفتار ڪري لاڪپ حوالي ڪيو آهي، وڌيڪ ميڊيڪل رپورٽ اچڻ بعد وارثن جي فرياد تي واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close