پاڪستانسنڌ

گم ماڻهن جو ڪيس، سنڌ هائي ڪورٽ جو گهرو سيڪريٽري ۽ آئي جي سنڌ کي نوٽيس، جي آئي ٽي جوڙڻ جو حڪم

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ غائب ماڻهو بازياب ڪرائڻ بابت درخواستن تي گهرو سيڪريٽري ۽ آئي جي سنڌ کي نوٽيس جاري ڪندي جي آئي ٽي ٺاهڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. اربع تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ شهر جي مختلف علائقن مان شهري لاپته ٿيڻ بابت درخواستن تي شنوائي ڪئي. درخواستگذارن جي وڪيل موقف ڏنو ته محمد علي صديق گهر موٽي آيو، کيس عزيزآباد مان کنيو ويو هو، ٻئي لاپته شهري جي ڀاءُ چيو ته سيد ساجد علي پهرين آگسٽ تي ڪورنگي مان لاپته ٿيو، 20-22 ڏينهن ٿي ويا آهن نه آيو، مان رڪشا هلايان ٿو گم ٿي وڃڻ جي ايف آئي آر داخل ناهي ٿي. روزگار ڪمايان يا ايف آئي آر جي پٺيان وڃان.

لاپته شهري جي زال ٻڌايو ته عمر فاروق کي نيو ڪراچي مان 4 آگسٽ تي تحويل ۾ ورتو ويو. پوليس ۽ ڪوئي ادارو عمر فاروق جي گرفتاري جو نه پيو ٻڌائي. درخواست گذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته رضوان وسيع الله سميت چئن شهرين کي گلشن اقبال مان حراست ۾ ورتو ويو، شهرين جي گمشدگي جي ايف آئي آر داخل ٿي چڪي آهي. عدالت غائب ماڻهن کي بازياب ڪرائڻ لاءِ جي آئي ٽي ٺاهڻ جو حڪم ڏيندي ريمارڪس ڏنا ته رضوان ۽ وسيع الله جي بازيابي لاءِ جي آئي ٽي اثرائتي جاچ ڪري. گهرو سيڪريٽري جي آئي ٽي جو نوٽيفڪيسن جاري ڪري. عدالت گهرو سيڪريٽري ۽ آئي جي سنڌ کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو ۽ گهرو سيڪريٽري ۽ پوليس آفيسرن کان اڳڀرائي رپورٽون طلب ڪري ورتيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button