پاڪستانسنڌ

چمبڙ لڳ ڇوڪري رسي سان وڻ ۾ ڦاهو کائي ڇڏيو

چمبڙ: چمبڙ لڳ بشير آباد اسٽاپ ڀرسان اٺين ڪلاس جي شاگرد 15 ورھين جي نوجوان ارباب پٽ جاني اوڏ انبن جي باغ ۾ وڻ ۾ رسو وجھي ڦاھو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو. سنجرچانگ ٿاڻي جي حد بشير آباد اسٽاپ ڀرسان سان نينگر ارباب اوڏ گھر سامهون انبن جي باغ ۾ انب جي وڻ ۾ رسو وجھي ڦاهو کائي ڇڏيو، اهڙو اطلاع وارثن پاران سنجرچانگ پوليس کي ڏنو ويو، سنجرچانگ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي رورل ھيلٿ سينٽر آندو، جتي فوتي جي مائٽن پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. سنجرچانگ پوليس موجب وارثن بيان ڏنو ته اسان جي نوجوان جو ذھني توازن درست نه ھو، جنھن ڪري مائٽن پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کان انڪار ڪيو، فوتي جو مڙهھ وارث بنا پوسٽ مارٽم جي واپس ڳوٺ کڻائي روانا ٿي ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button