پاڪستانسنڌ

ڇاڇري لڳ ڪارنهن الزام هيٺ نوجوان جا وار ڪوڙي رسن سان ٻڌي تذليل

ڇاڇرو: ڇاڇرو لڳ ڪارنهن الزام هيٺ نوجوان جا وار ڪوڙي رسن سان ٻڌي تذليل ڪري گهليو ويو. ماڻهن نوجوان جي تذليل واري وڊيو به وائرل ڪري ڇڏي. رپورٽ موجب ڇاڇرو ويجهو مبارڪ رند شهر جي رهواسي پي پي ايڇ آئي سينٽر جي ملازم نوجوان گلاب رند کي ڪارنهن جي الزام هيٺ ماڻهن پڪڙي سندس مٿي جا وار ڪوڙي ڇڏيا، جنهن بعد نوجوان کي رسن سان ٻڌي گارگند ڪندي تذليل ڪرڻ سميت گهيليو ويو. نوجوان تي تشدد ۽ تذليل ڪندر ماڻهن سندس وڊيو ڀري سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏي، مقامي نوجوان سان ايتري ظلم باوجود ايس ايس پي ٿرپارڪر سميت ڊي سي ڪو به نوٽيس ناهي کنيو، نه ئي مقامي پوليس ڪا ڪاروائي ڪئي آهي. معلوم ٿيو آهي ته ڳوٺاڻن ڪارنهن جي الزام ۾ نوجوان کي سوگهو ڪيو، وڊيو ۾ نظر اچي رهيو آهي ته ماڻهو نوجوان جو مٿو ڪوڙي رسو ٻڌي کيس گهلي رهيا آهن. ذريعن موجب نوجوان کي ڳوٺ ڪونڀي جي ڍاڻي ۾ ڪارنهن جي الزام ۾ ڳوٺاڻن پڪڙي تذليل جو نشانو بڻايو. ان سلسلي ۾ مبارڪ رند پوليس موجب اسان کي واقعي بابت اطلاع آهن، پر قانوني ڪارروائي لاءِ ڪير به نه آيو آهي، جڏهن ته معاملي جا اصل ڪارڻ سامهون اچي نه سگهيا، پوليس به معاملي جي اصل حقيقت منظر تي آڻڻ لاءِ جاچ شروع نه ڪئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button