پاڪستانسنڌ

سرهاڙي ۾ اسڪول جي مرمت نه ٿيڻ ۽ سهولتن جي کوٽ خلاف مظاهرو

سرهاڙي: سرهاڙي لڳ يوسي حسن جمالي جي ڳوٺ آچر خان جمالي ۾ گورنمينٽ پرائمري اسڪول ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف شاگردن ۽ ڳوٺاڻن احتجاجي مظاهرو ڪيو. ڳوٺاڻن محمد اسحاق جمالي، بلاول جمالي، استاد محمد اشرف جمالي، مينهون خان جمالي ۽ شاگردن احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي ڳوٺاڻن چيو ته پرائمري اسڪول آچر خان جمالي ۾ ڪيترن ئي سالن کان بنيادي سهولتون ناهن مليون، سالن کان اسڪولي عمارت جي مرمت ناهي ٿي، ايس ايم سي جا پئسا هيڊ ماستر ذاتي ڪمن ۾ استعمال ڪرڻ لڳو آهي، اسان هيڊ ماستر واحد بخش جمالي کي ڪيترائي ڀيرا اعلى آفيسرن کان درخواستون پڻ ڏياريون آهن، پر اسڪول جا پئسا ظاهر ناهن ڪيا ويا، ڪيترائي ڀيرا تعليم کاتي جي آفيسرن کي درخواستون ڏنيون، پر ڪير ٻڌڻ وارو ناهي. اسڪول جي ڇت جا چاپڙ ڪرڻ سبب ٻارن جي زندگين کي خطرو آهي، ان ڪري شاگرد اسڪول وڃڻ لا تيار ناهن، اسڪول زبون ٿي ويو آهي، فرنيچر، واش روم ۽ ٻين بنيادي سهولتن جي اڻهوند آهي. هنن گهر ڪئي ته نوٽيس وٺي اسڪول ۾ سهولتون ڏنيون وڃن. ٻئي طرف الزام هيٺ آيل هيڊ ماستر واحد بخش جمالي ٻڌايو ته پئسا ٻين اسڪول جا آهن، پرائمري اسڪول آچر جمالي جا يس ايم سي ۾ پئسا ناهن آيا، مون تي الزام بي بنياد آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button