پاڪستانسنڌ

سنڌ ۾ سينيئر آفيسرن جي بدلين تي پ پ کي خدشا، نگران وزيراعظم کي دانهن

ڪراچي: سنڌ ۾ سينيئر آفيسرن کي عهدن تان هٽائڻ واري معاملي تي پ پ خدشا ظاهر ڪري ڇڏيا. پيپلز پارٽي جي وفد نگران وزيراعظم وٽ پهچي کيس دانهن ڏيندي خدشن کان آگاهه ڪيو. پيپلزپارٽي جي وفد نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ سان ملاقات ڪئي ۽ پنهنجن خدشن کان کيس آگاهه ڪيو. پيپلزپارٽي جي اڳواڻن نثار کهڙو، مراد شاهه، نويد قمر، سعيد غني ۽ مرتضيٰ وهاب وفد جي صورت ۾ نگران وزيراعظم سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران پ پ جي وفد سنڌ صوبي ۾ آفيسرن جي بدلين ۽ مقررين تي خدشا ظاهر ڪيا. ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي نثار کهڙي چيو ته نگران وزيراعظم کي مقررين ۽ بدلين بابت پنهنجن خدشن کان آگاهه ڪيو آهي. پ پ اڳواڻن موجب نگران وزيراعظم يقين ڏياريو ته سنڌ ۾ ترقياتي منصوبا جاري رهندا. شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو ڪيس ٻيهر کلڻ بابت سوال جي جواب ۾ نثار کهڙو چيو ته عدالتون آزاد آهن، سنڌ هائي ڪورٽ مرتضيٰ ڀٽو قتل ڪيس 14 سالن کانپوءِ ٻيهر اوپن ڪيو آهي، اسان عدالتن جي آزاديءَ جا حامي آهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button