پاڪستانسنڌ

آئي ايم ايف پروگرام جي بحالي لاءِ زبردست ڪوششون ڪيون:بلاول ڀٽو

ڪراچي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سندس اڳواڻي ۾ پرڏيهي وزارت پاران الهندي ملڪن سان ٻطرفي لاڳاپن ۾ بهتري لاءِ اهڙا قدم کنيا ويا، جن جا بهترين نتيجا نڪرندا. هن چيو ته ايف ٽي ايف جي گري لسٽ مان پاڪستان جو نالو نڪرڻ سان به ڪاروباري موقعن ۾ اضافو ٿيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري جي اعزاز ۾ اعزازي قونصلر ڪور سنڌ ڪراچي جي صدر مرزا اختيار بيگ پاران رات جي ماني جو اهتمام ڪيو ويو. چيئرمين بلاول ڀٽو رداري جي پرڏيهي وزير طور خدمتن جي اعتراف ۾ ٿيندڙ رات جي ماني ۾ سفارتڪارن، سينيٽرن، اڳوڻن وزيرن، واپارين ۽ اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. ڊنر ۾ آمريڪا، برطانيا، چين روس، ترڪيه، گڏيل عرب امارات، ڪويت، ملائيشيا، ڪوريا، جاپان، امان، بحرين، ايران قطر ۽ ٿائلينڊ جا سفارتڪار به موجود هئا. تقريب کي خطاب ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آئي ايم ايف پروگرام جي بحالي لاءِ زبردست ڪوششون ڪيون ويون، جن جا هاڪاري نتيجا نڪتا، يورپي يونين سان جي ايس پي پلس معاهدي ۾ واڌ جي ڪري ڪاروباري ماڻهن کي بهترين موقعا حاصل ٿيندا، هن ٻطرفي لاڳاپن ۾ بهتري لاءِ ڪردارکي ساراهيندي ڪراچي ۾ موجود سفارتڪارن کي پنهنجي مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي. هن ڪراچي جي ڪاروباري ماڻهن کي به پنهنجو مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي پرڏيهي وزير طور خدمتن جي اعتراف ۾ ڏنل ڊنر ۾ ڪراچي جو ميئر مرتضى وهاب، نويد قمر، ناصر شاهه، شرجيل ميمڻ ۽ سينيٽر وقار مهدي موجود هئا. ڊنر ۾ عارف حبيب، علي اڪائي، اعجاز نثار، ڪوڪب اقبال، جهانگير شاهه، زبير شايا، عاطف حنيف، ذيشان سليم ذڪي ۽ فرحان حنيف به شريڪ ٿيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button