پاڪستانسنڌ

وارهه ۾ نياڻي سان اجتماعي زيادتي ڪندڙ 2 جوابدار گرفتار، احتجاجي ڌرڻو

وارهه جي کهاوڙ محلي جي رهواسڻ معصوم نياڻي سان زيادتي ڪندڙ 5 جوابدارن مان صرف 2 ڄڻا گرفتار ٿي سگهيا. واقعي خلاف عوامي تحريڪ جي سڏ تي شهرين احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي متاثره نياڻي دانهيندي چيو ته مامي جي گهر وڃي رهي هيس ته رستي ۾ ڪجهه ماڻهن اڳ وٺي مٿي ۾ ڌڪ هڻي هڪ جڳهه تي کڻي ويا، جتي 5 جوابدارن مون سان زيادتي ڪئي ۽ آئون بيهوش ٿي ويس. ان موقعي تي متاثره نياڻي جي پي دانهيندي چيو ته اسان سان ظلم ٿيو آهي، پوليس صرف 2 جوابدار گرفتار ڪيا آهن، باقي ٻين جوابدارن کي گرفتار ناهي ڪيو ويو. نوٽيس وٺي سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي. ان موقعي تي وارهه جي ايس ايڇ او گلزار ابڙو چيو ته اسان معاملي جي گهڻ رخي جاچ ڪريون پيا، واقعي جو مک جوابدار ۽ اوطاق مالڪ گرفتار ڪيو آهي، باقي ٻين جوابدارن کي به جلد گرفتار ڪيو ويندو. هوڏانهن ٻئي طرف نياڻي سان اجتماعي زيادتي واري واقعي خلاف عوامي تحريڪ جي سڏ تي ڪامريڊ سرتاج چانڊيو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري شهيد فاضل راهو چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي ڪامريڊ سرتاج چانڊيو، منظور مارفاڻي، ڪامريڊ غلام مصطفيٰ، عرفان منان محرم چانڊيو، نياز حيدري، منصور ٿيٻو، حميد انقلابي، مجيب چانڊيو، حميد باغي، وحيد حيدري ۽ ٻين چيو ته وارهه جي نياڻي سان ظلم ڪيو ويو آهي، جوابدارن سمورا ليڪا لتاڙي جيڪو ڏاڍ ڪيو آهي تنهن کي ڪنهن به صورت ۾ فراموش نٿو ڪري سگهجي، هي تمام وڏو واقعو آهي، جنهن جي جيتري به نندا ڪجي اها گهٽ آهي. هن وقت تائين سمورا جوابدار آخر ڇو نه گرفتار ٿي سگهيا آهن. واقعي بعد پوليس جو ڪردار مشڪول بڻيل آهي. نياڻي جي وارثن تي ننڍي رئيس کان وٺي وڏي وڏيري تائين سخت دٻاءُ وڌو پيو وڃي. مک جوابدار پ پ سٽي صدر وارهه جو ڏوهٽو آهي، تنهن ڪري انتظاميا ۽ بااثر مامري کي راڄوڻي طور حل ڪرڻ جي ڪوششن ۾ آهن. اسانجي اها ئي گهر آهي ته قانون مطابق جوابدارن کي گرفتار ڪري عبرتناڪڪ سزا ڏني وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button