پاڪستانسنڌ

لاڙڪاڻي ۾ چانڊڪا جي شاگردن جو انتظاميا جي مبينا زيادتين خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي ۾ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردن ستاف جي سڏ تي ڪاليج انتظاميه جي مبينا زيادتين خلاف سينٽرل ڪينٽين کان ايڊمن بلاڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو ھنيو ويو. ان موقعي تي شاگرد اڳواڻن عمر نثار، فرمان کوسو، اوسامه نظير، سعيد چانڊيو ۽ ٻين چيو ته چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج انتظاميا ھٿ سان مسئلا پيدا ڪرائي شاگردن کي دٻائي حراسان ڪري رهي آهي. شاگردن کي پنھنجا جائز مطالبا ڪرڻ جي ڏوھه ۾ 11 شاگردن کي 3 مھينن لاءِ سسپينڊ ڪيو ويو آھي، جيڪو شاگردن ۽ سندن ايندڙ مستقبل سان ظلم آهي، مٿان وري نئون نوٽيس جاري ڪري ھاسٽل خالي ڪرائڻ لاءِ گذريل رات پوليس جا اٽالا گھرائي شاگردن کي حراسان ڪري مختلف ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن. شاگرد اڳواڻن چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج انتظاميا کي چتاءُ ڏيندي چيو ته ڪاليج ۾ امن ۽ علم تدريس جو ماحول جوڙيو وڃي، شاگرد تمام گھڻي تڪليف ۾ رھن پيا. انتظاميا وڌيڪ ماحول خراب نه ڪري ائين نه ٿئي جو اوھان سنڌ کي ٻيو نمرتا ۽ نوشين جو لاش ڏيو. هنن مطالبو ڪيو ته سسپينڊ ليٽر واپس ورتو وڃي ۽ ھاسٽلن جا بنيادي مسئلا حل ڪيا وڃن نه ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button