پاڪستانسنڌ

جنگيون فرد واحد نه پر قومون وڙهنديون آهن، شدت پسندي اڳيان نه جهڪنداسين: وزيراعظم

نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته اسان بمبارن ۽ شدت پسندي جي سامهون نه جهڪنداسين، جيڪي سمجهن ٿا اسان جنگ مان ٿڪجي پيا آهيون ته اهي غلط فهمي جو شڪار آهن، ڀلي ڇا به ٿي وڃي اسان وڙهنداسين هي اسان جو گهر ۽ ان کي اسان پنهنجي انداز سان هلائينداسين. گورنر هائوس ۾ گورنر ڪامران ٽيسوري سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته بٽ گرام ۾ ڪامياب ريسڪيو آپريشن تي اسان سڀ تمام گهڻو خوش آهيون ۽ انشا الله ان جو جشن به ملهائينداسين، جشن ملهائڻ جو سبب اهو آهي ته اسان هڪ غريب ۽ اسرندڙ ملڪ آهيون اسان وٽ ڪڏهن ڪڏهن اهڙيون گهڙيون اچن ٿيون جيڪي قومي خوشي جو سبب بڻجن ٿيون، انهن ستن ٻارڙن اسان کي قوم جي حيثيت سان ڪٺو ڪري ڇڏيو. هن چيو ته مقامي ماڻهن، ضلعي انتظاميا ۽ فوج گڏجي گڏيل ڪوشش تحت ٻارڙن کي بچايو، ٻارڙن به ڪمال بهادري سان پنهنجي جذبات تي ضابطو آندو، مان سوچيان ٿو ته جيڪڏهن ان جي جڳهه مان اتي هجان ها ته انهن ستن اٺن ڪلاڪن ۾ مون تي ڇا گذري ها. انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته ريسڪيو آپريشن ۾ جيترن ادارن حصو ورتو مون کي انهن تي فخر آهي، اسان جا دفاعي ادارا نه رڳو ٻاهرين محاذ تي پر قدرتي آفتن ۽ اندروني ريسڪيو آپريشنز ۾ به اڳيان اچي مرڪزي ڪردار ادا ڪن ٿا، ان سان اسان جو انهن تي اعتماد اڃا وڌيڪ پختو ٿئي ٿو. هن چيو ته قومي ۽ صوبائي ڊيزاسٽر مئنجمينٽ اٿارٽيز (اين ڊي ايم اي/ پي ڊي ايم ايز) کي به پنهنجي صلاحيتن ۾ وڌيڪ بهتري آڻڻ جي گنجائش جو اندازو ٿي ويو آهي، جڏهن ست ٻار ڦاٿل هئا ان وقت اسان هي بحث نه ڪري پئي سگهياسين ته انهن کي ريسڪيو ڪرڻ ڪنهن جي ذميواري آهي، آپريشن مڪمل ٿيڻ بعد ان تي بحث ڪري سگهجي ٿو ته ڪنهن فرضن ۾ ڪوتاهي ڪئي، مان سوشل ميڊيا تي ڏسي رهيو هيس ته ان صورتحال جي اصل روح کان هٽي ڪري بحث جو رخ ڪنهن ٻئي پاسي موڙڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وئي، منهنجو خيال آهي ته اسان کي اهڙن موقعن تي انهن کان پاسو ڪرڻ گهرجي. نگران وزيراعظم چيو ته ڪالهه هڪ ٻيو الميو ٿيو، اسان جا 10 جوان وزيرستان ۾ شهيد ٿي ويا جيڪي ماڻهو سمجهن ٿا ته اسان دهشتگردي خلاف جنگ وڙهندي وڙهندي ٿڪجي پونداسين ته اها سندن ڀل آهي، هي جنگ ڪو فرد واحد نه پر قومون وڙهن ٿيون، پاڪستان ڪنهن به صورت ۾ شدت پسندي، دهشتگردي ۽ اڻ سهپ جي سامهون هٿيار ڦٽا نه ڪندو، هٿيار ڦٽا ڪرڻ ڪو آپشن ناهي، ڀلي ڇا به ٿي پوي اسان وڙهنداسين، هي اسان جو گهر آهي اسان هتي ئي رهنداسين ۽ پنهنجي گهر کي پنهنجي انداز سان هلائينداسين، جيڪڏهن ڪنهن کي غلط فهمي آهي ته اهڙين حرڪتن سان اسان جا حوصلا ڪمزور ٿي ويندا يا اسان ٿڪجي پونداسين ته اهي پنهنجي غلط فهمي ڪڍي ڇڏين. جنگون فرد واحد نه پر قومون وڙهنديون آهن، اسان پنهنجي شهيدن جي قربانين ۽ انهن جي حرمت کي نه وسارينداسين ۽ نه ئي شهادت ڏيڻ کان پاسو ڪنداسين. انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته مان ٻيهر واضح ڪري ڇڏيان ته اسان پاڻ ٽيڪس گڏ ڪري پنهنجي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي انهيءَ ٽيڪس جو پئسو لڳائي پنهنجو نظام هلائي رهيا آهيون، اسان خيرات تي هي جنگ نه پيا وڙهون، اها غلط فهمي ختم ڪري ڇڏيو ته لائن آف ڪنٽرول يا وزيرستان ۾ اندروني ۽ ٻاهرين چئلينجز کي منهن ڏيندڙ ڪنهن پگهار جي عيوض هي خدمتون نڀائي رهيا آهن، ماڻهن کي اسان انهن خدمتن جي عيوض پگهار نه پر احترام ۽ عزت ڏيون ٿا ۽ ڏيندا رهنداسين، اسان بمبارن کان نٿا ڊڄون، اسان جي جوانن کي چڱي طرح علم آهي ته الله تعاليٰ انهن لاءِ شهادت جي بدلي ڇا انعام رکيو آهي، انهن گمراهن خلاف انشا الله اسان وڙهندا رهنداسين، بيگناهه ماڻهن کي مارڻ جائز قرار نٿو ڏئي سگهجي، جيڪي ماڻهو اهڙين ناپاڪ حرڪتن ۾ ملوث آهن اهي ان خوش فهمي ۾ مبتلا آهن ته ڪنهن طاقت جي هتان هليو وڃڻ سان کين استقامت ملي وئي آهي، ان استقامت ۾ اسان جلد تبديلي آڻينداسين جلد انهن تائين هي پيغام پهچي ويندو. ٻئي طرف ڪراچي ۾ ڪاروباري شخصيتن سان ملاقات بعد خطاب ڪندي نگران وزيراعظم چيو ته ملڪ جي ترقي لاءِ گڏجي ڪوششون ڪرڻيون پونديون، پاڪستان رڳو نعرن سان فلاحي رياست نٿو بڻجي سگهي حڪومتن کي پنهنجي ڪوتاهين تي غور ڪرڻ گهرجي، توانائي ۽ خوراڪ جي گهٽتائي جا مسئلا آهن، معاشي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي ڪوششن ۾ واپاري برادري جي تعاون جي ضرورت آهي، اسان شفاف چونڊن لاءِ پرعزم آهيون. انوار الحق ڪاڪڙ اسيلاني ويلفيئر ٽرسٽ جي ساراهه ڪندي چيو ته هي ادارو هر شعبي ۾ ڪم ڪري رهيو آهي، جڏهن هي ادارو ائين ڪري سگهي ٿو ته رياست ڇو نٿي ڪري سگهي؟ 25 ڪروڙ ماڻهو ۽ دماغ اڄ مايوسي جو شڪار آهن، معدنيات سان نوازيل صوبي جا ماڻهو مايوسي جو شڪار ۽ انڊس ڊيلٽا جا ماڻهو خوراڪ جي گهٽتائي جو شڪار آهن، ملڪي ترقي لاءِ سڀني کي گڏيل ڪوشش ڪرڻي پوندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button