بڪيرا شريف: بڪيرا شريف جي ڳوٺ جئي رام جوڳي ۾ گذريل ٽن سالن کان نياڻي پارس مهراڻي پاران جوڳي ڪميونٽي جي ٻارن کي پنهنجي مدد پاڻ تحت اسڪول ۾ پڙهائي رهي آهي، اسڪول لا تعليم کاتي طرفان عمارت، فرنيچر ۽ شاگردن لا سرڪاري ڪتاب فراهم ناهن ڪيا ويا. ڳوٺ ۾ ٽينٽ اندر قائم ٿيل اسڪول جو ضلعي وائيس چيئرمين دريا خان مري وزٽ ڪري شاگردن کان سوال جواب ڪيا. هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسڪول جي عمارت ۽ سيمز ڪوڊ لا ڊي او سيڪريٽري ڏانهن ليٽر اماڻي ڇڏيا آهن، جلد منظوري ملي ويندي، باقي فرنيچر لا ڊي او تعليم کي هدايت ڪئي آهي. ان موقعي تي معزز ڳوٺاڻن مرلي نواز جئي رام جوڳي سميت نياڻي پارس مهراڻي ۽ سندس ور محسن مهراڻي وائيس چيئرمين دريا خان مري جا ٿورا مڃيا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close