پاڪستانخيبرپختونخوا

اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن جو ملٽري پوسٽ تي حملو، 2 جوان شهيد

راولپنڊي: اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن جي ملٽري پوسٽ تي حملي ۾ 2 جوان شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن دتا خيل جي علائقي ۾ ملٽري پوسٽ تي حملو ڪيو، حملي دوران دهشتگردن ۽ سيڪيورٽي فورسز ۾ شديد فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي. آ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 2 سپاهي شهيد ٿي ويا. پاڪ فوج جي ترجمان اداري ٻڌايو ته شهيدن ۾ 27 ورهين جو نائيڪ رحمان ۽ 22 ورهين جو لانس نائيڪ عارف شامل آهن، رحمان جو واسطو چترال ۽ عارف جو واسطو ٽانڪ سان آهي. آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز علائقي ۾ سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button