پاڪستانسنڌ

حيدرآباد ۾ پ پ اڳواڻ پاشا قاضي پاران ترقياتي ڪمن جو جائزو،رهواسين سان ملاقات

حيدرآباد: حيدرآباد ۾ هلندڙ ترقياتي ڪمن جو پ پ اڳواڻ پاشا قاضي پاران جائزو ورتو ويو. حيدرآباد شهر جي علائقن وانڍن جو پڙ، شيخن جو پڙ، جبل، ڇٽي جو پڙ، گلشن هوٽل، چرين جي گهٽي ۽ ٻٻرن جي پڙ سميت ٻين علائقن ۾ سي سي بلاڪ ۽ پيور بلاڪ جي هلندڙ ڪم جو پي ايس 66 جي صدر ۽ پ پ جي سينيئر اڳواڻ پاشا قاضي دورو ڪري جائزو ورتو. ان موقعي تي هن رهواسين سان ملاقاتون ڪري مسئلا معلوم ڪيا ۽ کين خاطري ڪرائي ته جلد مسئلا حل ڪري رهيل علائقن ۾ به ترقياتي ڪم ڪرايا ويندا. ان موقعي تي هن ڳالهائيندي چيو ته ترقياتي ڪم ڪرائي شهرين کي سهولتون ڏيڻ پ پ جي منشور ۾ شامل آهي، اسان هر علائقي ۾ ترقياتي ڪم ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، جتي به مسئلا هوندا، اهي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. هن چيو ته سي سي بلاڪ ۽ پيور بلاڪ ۾ ناقص مٽيريل استعمال ٿئي ته فورن آگاهه ڪيو وڃي ته جئين معياري ڪم ڪرائي سگهجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button