بلوچستان

بلوچستان ۾ اڪثر ڳوٺن جا گس بند، پهچڻ ۾ مهينو لڳي ويو، اٺن ذريعي راشن جي فراهمي

بلوچستان صوبي ۾ لڳاتار برساتن ۽ ٻوڏ جهڙي صورتحال سبب ڪيترائي شهر هڪٻئي سان ۽ ننڍن وڏن ڳوٺن کان ڪٽيل آهن، اختيارين موجب روڊن جي حالت ايتري خراب آهي جو لسٻيلا ۽ آواران جي سرحدي علائقي جي ماڻهن کي 30 ڏينهن بعد اٺن ذريعي راشن پهچايو ويو آهي. لسٻيلي جي هڪ سرڪاري اهلڪار نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته روڊ رستا بند ٿيڻ ڪري لسٻيلا، آواران ۽ گوادر ضلعن جي منڍ تي موجود علائقي ڊنڊيل ۽ ان جي ڀرپاسي وارن ڪجهه ڳوٺن ۾ فاقا ڪاٽڻ جي نوبت اچي وئي آهي. ٻوڏ متاثر علائقن ۾ رابطن جي حوالي سان سڀ کان وڌيڪ مسئلو جهل مگسي ۽ صحبت پور ۾ آهي، هڪ ٻيو رستو جنهن جي ذريعي صحبت پور تائين پهچي سگهجي ٿو، اهو ڊيره بگٽي ۽ هير دين وارو رستو آهي. ٻئي طرف صحبت پور ۾ روڊ رستا خراب هجڻ سبب عام واهپي وارين شين جو وڏو بحران پيدا ٿي ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button