وزيراعظم جي قومي صحت بابت خصوصي صلاحڪار ڊاڪٽر فيصل سلطان چيو آهي ته ذهني صحت جي مسئلي کي سڃاڻڻ ۽ ان بابت حساس هجڻ گهڻو ضروري آهي. هي اهو مسئلو آهي جيڪو ڪرونا وائرس جي وبا دوران وڌي ويو آهي. ڪالهه پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته هن سال جي شروع ۾ اسان دماغي صحت تي قومي ٽاسڪ فورس جوڙي ته جيئن ان حوالي سان ضابط ڪار کي مضبوط ۽ سار سنڀال تائين رسائي کي وڌائڻ تي ڪم ڪري سگهجي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close