سنڌ

سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي ريلي گمبٽ پهچڻ تي شاندار آجيان

سنڌ جي زمينن تي والار، ڌارين آبادڪاري، جعلي ڊوميسائل ۽ ڪارڊ جاري ڪرڻ خلاف سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي جاڳرتاريلي گمبٽ پهچڻ تي گلن جي ورکا سان آجيان ڪئي وئي. ان موقعي تي ايس يو پي جي مرڪزي اڳواڻ سيد زين شاهه، جسم چيئرمين رياض چانڊيو، ايس ٽي پي اڳواڻ گلزار احمد سومرو، جڳديش آهوجا، ڪرم وساڻ، شفقت خان مھيسر، ايڊووڪيٽ فياض خميساڻي، سڪندر علي چانڊيو، خادم رتڙ، علي حيدر اڄڻ، آصف لاکائي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ ڌارين جي يلغار ۽ قومي ناڻي توڙي زمينن کي لٽڻ ۽ ڌارين کي جعلي ڊوميسائل ۽ سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ ۾ سنڌ حڪومت سڌي ريت ملوث آهي. اسان سنڌ کي بچائڻ لاءِ نڪتا آھيون. سنڌ جو قومي ناڻو ۽ زمينون لٽيون پيون وڃن. زمينون سستيون ڏئي قبضا ڪيا پيا وڃن. اسان کي ووٽ نه پر عوام جو ساٿ گهرجي. اڳواڻن چيو ته ڪراچي ۾ لکين سنڌي گڏ ٿيا ۽ هاڻي ڪروڙين سنڌي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ گڏ ٿيندا. ڀلي ڪيترائي ڪيس داخل ٿين، گرفتاريون ٿين، پر پوئتي نه هٽنداسين. سنڌ دشمن منصوبا ڪنهن به صورت ۾ هلڻ نه ڏينداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button