سنڌ

مدئجي ۾ قتل ٿيل نوجوان جو مڙهه هٿيارن جي ڇانو ۾ مٽي ما حوالي

مدئجي ويجهو ڪچي جي علائقي ڳوٺ انڙ ۾ جوڻيجا برادري جي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل ڪيل نوجوان عبدالجبار جوڻيجو جي جنازي نماز ڳوٺ مور جي وانڍ ۾ ادا ڪرڻ بعد مڙهه کي هٿيارن جي ڇانو ۾ ڳوٺ قبي جي وانڍ ۾ اباڻي قبرستان ۾ پوليس پهري هيٺ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. مقتول نوجوان جي وارثن جانب جوڻيجو، عبدالغفار جوڻيجو، عرفان جوڻيجو ۽ ٻين چيو ته اسان جو جهيڙي سان ڪو واسطو ناهي، فقير ڳوٺ واسي غلام رسول جوڻيجو جي ڌر جي هٿياربندن بنا ڪنهن ڏوهه اسان جي نوجوان عبدالجبار جوڻيجو کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو آهي. هنن اختيارين کي اپيل ڪئي ته واقعي جو نوٽيس وٺي ملوث جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڏياريو وڃي. هوڏانهن نوجوان جي قتل بابت جمالپور پوليس جو چوڻ هو ته واقعي جي اطلاع تي پهچي مقتول نوجوان جو لاش کڻائي پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو هو. مقتول جي وارثن جي اچڻ بعد ڪيس داخل ڪري وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي،

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button