سنڌ

شگر ملون 15 آڪٽوبر کان هلائي پئسا وقت تي ڏنا وڃن:آبادگار

راضيديرو ۾ راڻيپور شگر ملز جي ڪين ڊپارٽمينٽ آبادگارن لا سيمينار منعقد ڪرايو. ان موقعي تي آبادگارن غلام علي لاشاري، محمد ماروف آرائين، حسين بخش کهڙو، امان الله کهڙو، وحيد علي سنڌي کهڙو ۽ ٻين چيو ته شگر ملون 15 آڪٽوبر کان هلائيون وڃن. ڪمند جا پئسا وقت تي ڏنا وڃن. زميندارن کي پئسا پنهنجي کاتي ۾ ڏنا وڃن. بروڪرن کان وڌيڪ اهميت زميندارن کي ڏني وڃي. جڏهن ته راڻيپور شگر ملز جي جنرل مئنيجر غلام اڪبر، ڪين مئنيجر نذير احمد جٽ ۽ ٻين آبادگارن کي بريفگ ڏيندي چيو ته اسان جي علائقي ۾ آبادگار جي ڪمند جي پيداور 6 سئو مڻ في ايڪڙ لھي ٿي، جيڪا تمام گهٽ آهي. آبادگار ڪمند جون نيون جنسون پوکي وڌيڪ پيداوار حاصل ڪري سگهن ٿا. هنن چيو ته وقت تي ملون هلايون وينديون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button