اڳوڻي وزيراعظم عمران خان سمنڊ پار پاڪستانين جي ووٽ بابت ترميم کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي. پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان طرفان داخل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته آئين تحت ووٽ ڏيڻ هر پاڪستاني جو بنيادي حق آهي، ان حوالي سان سپريم ڪورٽ، ها ڪورٽ جا ڪيترائي فيصلا موجود آهن، آئيني درخواست ذريعي موجوده حڪومت طرفان اليڪشن ايڪٽ 2017ع جي سيڪشن 94 (1) ۾ ڪيل ترميم کي چئلينج ڪيو ويو. حڪومت ان ترميم ذريعي پرڏيهي ۾ رهندڙ پاڪستانين کي ووٽ جو فوري حق ڏيڻ بدران ضمني چونڊن جي لا پائليٽ پراجيڪٽ آڻڻ جو چيو آهي، حڪومتي ترميم سان پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني ايندڙ چونڊن ۾ ووٽ ڪاسٽ ڪري نه سگهندا، ترميم ذريعي پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جي ووٽ جي حق لا اليڪشن ڪميشن جي ڪيل ڪوششن کي به ختم ڪيو ويو آهي، حڪومت طرفان ڪيل ترميم غيرآئيني، بنيادي حقن جي ابتڙ آهي، پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جي ووٽ جي حق جي حوالي سان عدالتي فيصلن تي سادي ترميم ذريعي ختم نه ٿو ڪري سگهجي. درخواست ۾ اپيل ڪئي وئي آهي ته سمنڊ پار پاڪستانين جي ووٽ لاءِ نادرا طريقيڪار جوڙي، اليڪشن ڪميشن ۽ ٻين کي سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق استعمال ڪرڻ لاءِ سهولت ڏيڻ جو حڪم ڏنو وڃي. دخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته اليڪشن ڪميشن کي نادار کي فنڊز فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي ۽ سپريم ڪورٽ اليڪشن ايڪٽ ۾ ڪيل ترميم کي غير آئيني قرار ڏئي. درخواست ۾ وفاقي حڪومت، اليڪشن ڪميشن، قانون واري وزارت، پارلياماني معاملن واري وزارت، اووسيز پاڪستاني، پرڏيهي وزارت ۽ نادرا کي ڌر بڻايو ويو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close