اسلام آباد

حڪومت ٽي ايل پي سان ڪيل معاهدو عوام جي آڏو آڻي:پيپلز پارٽي

پ پ حڪومت ۽ پابندي مڙهيل تنظيم وچ ۾ ٿيندڙ معاهدي کي سامهون آڻڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. سينيٽر مصطفيٰ نواز کوکر چيو آهي ته حڪومت رات جي اونداهي ۾ ڪيل معاهدي بابت قوم کي آگاهه ڪري، هن ملڪ جا شهري اهو ڄاڻڻ جو حق رکن ٿا ته هفتن جا هفتا زندگي جو نظام معطل رکڻ، جان ۽ مال جو نقصان ڪندڙ پابندي مڙهيل تنظيم سان ڇا طئي ٿيو آهي؟ پ پ اڳواڻ چيو ته ٻڌايو وڃي ته پنجاب پوليس جي اهلڪارن جون شهادتون بنا ڪنهن سبب جي هيون ۽ ڇا ان جي جوابدارن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو يا نه؟ مصطفيٰ نواز چيو ته اهڙي طرح ته ڪرياني جي دڪان به ناهي هلندي جهڙي طرح پاڪستان جي رياست کي هلايو پيو وڃي. ماضي گواهه آهي ته جڏهن به رياست اهڙي طرح جي صورتحال ۾ گوڏا کوڙيا ان جو نقصان ئي ٿيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button