سنڌ

باڊهه ۾زيادتي ڪوشش ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاج

باڊهه جي تقي شاهه پاڙي ۾ ڪجھه ڏينهن اڳ معصوم نينگري سان جنسي زيادتي جي ڪوشش ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف نينگري جي وارثن لاڙڪاڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي نينگري جي والدين ۽ مائٽن دانهيندي چيو آهي ته 8 ورهين جي نياڻي 27 آڪٽوبر تي گهران نڪري شي وٺڻ لا وئي ته پاڙي جي دڪاندار ساڻس دڪان اندر شٽر بند ڪري زيادتي جي ڪوشش ڪئي، نينگري جي رڙين تي پهتاسين ته جوابدار فرار ٿي ويو، جنهن بعد واقعي جو ڪيس باڊهه ٿاڻي تي داخل ڪرايو پر هن وقت تائين پوليس جوابدار کي گرفتار ناهي ڪيو، جوابدار ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button