پنجاب

پنجاب ۾ ڊينگي ۾ اضافو، لاهور جون 3 وڏيون اسپتالون ڀرجي ويون

پنجاب ۾ ڊينگي جي مريضن ۾ تيزي سان واڌ کان پوءِ لاهور جي 3 وڏين اسپتالن ۾ بيڊز ڀرجي ويا آهن، لاهور جي ٽن وڏين اسپتالن جناح، سروسز ۽ جنرل اسپتال ۾ سمورا بيڊز ڀرجي ويا. سرڪاري اسپتالن ۾ هڪ بيڊ تي 3-3 مريضن جو علاج جاري آهي. جڏهن ته سروسز اسپتال جي ايمرجنسي ۽ وارڊز ۾ مريضن لاءِ جڳهه ختم ٿي وئي آهي. 24 ڪلاڪن دوران پنجاب ۾ ڊينگي جا وڌيڪ 3 مريض فوت ٿي ويا ۽ 445 نوان ڪيسز رپورٽ ٿيا. لاهور مان 345، راولپنڊي ۾ 33، گوجرانوالا مان 16، شيخوپوره ۽ فيصل آباد مان 8-8 ڪيسز سامهون آيا. ان حوالي سان پنجاب جي صحت کاتي واري سيڪريٽري عمران سڪندر بلوچ چيو آهي ته پنجاب جي اسپتالن ۾ ڊينگي جا 2444 مريض علاج هيٺ آهن، جن مان لاهور جي اسپتالن ۾ ڊينگي جا 1590 مريض داخل آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button