اسلام آباد

وزيراعظم عام ماڻهن کي رليف ڏيڻ لا قدم کڻڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

وزيراعظم عمران خان عام ماڻهو کي ريليف ڏيڻ لاءِ قدم کڻڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن ۽ چيو آهي ته حڪومت عام واهپي وارين شين کي گهٽ ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ملڪ جي معاشي صورتحال تي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وزيراعظم عمران خان جي معاشي ٽيم عالمي مارڪيٽ ۾ مهانگائي ۽ پيٽروليم شين جي قيمتن تي وزيراعظم کي بريفنگ ڏني. وزيراعظم عمران خان چيو ته حڪومت ڪرونا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مثالي قدم کنيا. عمران خان چيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ عام واهپي وارين شين جون قيمتون انتهائي تيزي سان وڌيون ان جي باوجود حڪومت قيمتن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم اجلاس دوران عام ماڻهو کي ريليف ڏيڻ لاءِ فوري طور تي قدم کڻڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button