سنڌ

”پٽ جا قاتل گرفتار ڪريو“ باقراڻي واسي جو لاڙڪاڻي ۾ احتجاج

لاڙڪاڻي ۾ باقراڻي جي ڳوٺ اسحاق کونهارو واسي پيرسن علي محمد ابڙو پٽ جي قتل ڪيس ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي هن دانهيندي الزام لڳايو ته سال 2007ع دوران نوجوان پٽ اڪبر علي ابڙو کي جوابدار الهرکيو، رزاق موجائي ۽ ٻين قتل ڪري ڇڏيو، اهڙي واقعي جو ڪيس باقراڻي ٿاڻي تي داخل ڪرايو آهي، پر پوليس اڃا تائين ڪنهن جوابدار کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي، پٽ جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ گذريل ڪيترن سالن کان احتجاج ڪري رهيو آهيان پر افسوس جو ڪنهن نوٽيس ناهي ورتو، جنهن ڪري خدشو آهي ته پٽ جو خون لڙهي ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button