سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ چوري ٿيل موٽرسائيڪل واپس نه ٿيڻ خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي جي فيصل ڪالوني واسي پورهيت پاران ڪجھه ڏينهن اڳ مبينا چوري ٿيل موٽرسائيڪل واپس نه ٿيڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي پورهيت صابر حسين شاهه دانهيندي چيو ته مان غريب پورهيت آهيان، ريڙهي تي برياني وڪرو ڪري پيٽ گذر ڪندو آهيان، هڪ هڪ روپيو گڏ ڪري موٽرسائيڪل خريد ڪئي، جيڪا 21 آڪٽوبر تي گهر اڳيان بيٺي هئي ته چور ڪاهي ويا آهن. اهڙي واقعي جو اطلاع وليد ٿاڻي تي ڏنو پر ڪيترائي ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس چوري ٿيل موٽرسائيڪل واپس ناهي ڪرائي. هن چيو ته پوليس روز ٿاڻي جا چڪر ڪٽرائي رهي آهي پر ڪو تدارڪ نٿو ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button