پنجاب

منشيات ڪيس ۾ سزا ڪاٽيندڙ پرڏيهي ماڊل ٽريزا بري

لاهور هاءِ ڪورٽ منشيات ڪيس ۾ 8 سال قيد جي سزا ماڻيندڙ پرڏيهي ماڊل ٽريزا کي بري ڪري ڇڏيو. هاءِ ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ منشيات ڪيس ۾ ماڊل ٽريزا جي قيد واري سزا خلاف اپيل جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت تفصيلي دليل ٻڌڻ کان پوءِ فيصلو ٻڌائيندي ٽريزا جي سزا خلاف اپيل منظور ڪري ورتي. ٽرائل ڪورٽ ماڊل ٽريزا کي منشيات ڪيس ۾ قيد جي سزا ٻڌائي هئي جنهن کي ٽريزا لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو هو. يورپي ملڪ چيڪ ري پبلڪ سان تعلق رکندڙ ماڊل ٽريزا کي 10 جنوري 2018 تي ساڍا 8 ڪلو هيروئن ملڪ اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش دوران لاهور ايئرپورٽ کان متحده عرب امارات ويندي گرفتار ڪيو ويو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button