اسلام آباد

نيب جو ٽيون ترميمي آرڊيننس، زرداري، مريم ۽ شهباز کي رليف نه ملندو

صدر عارف علوي قومي احتساب بيورو (نيب) جو ٽيون ترميمي آرڊيننس 2021ع جاري ڪري ڇڏيو، ٽئين ترميمي نيب آرڊيننس سان آصف زرداري، شاهد خاقان عباسي، مريم نواز ۽ شهباز شريف کي ڪو به رليف نه ملندو ۽ اڳ ئي داخل ٿيل سمورا مني لانڊرنگ جا ڪيس جيئن جو تيئن هلندا رهندا. خبر موجب نئين ترميمي آرڊيننس جي تحت اينٽي مني لانڊرنگ ايڪٽ جي تحت داخل ريفرنس نيب جي اختيار ۾ رهندا ۽ ان حوالي سان داخل ريفرنسز تي احتساب عدالتون ئي ٻڌڻي ڪنديون. ضمانت جو اختيار احتساب عدالتن کي هوندو. نئين نيب ترميمي آرڊيننس موجب نيب چيئرمين کي عهدي تان هٽائڻ جو اختيار صدر وٽ هوندو. چيئرمين نيب جي ملازمت جو مدو 4 سال هوندو، نيب چيئرمين کي هٽائڻ لاءِ اهوئي طريقو اختيار ڪيو ويندو، جيڪو ججز جي برطرفي جي لاءِ آهي. نيب ترميمي آرڊيننس 6 آڪٽوبر کان لاڳو ٿيندو. مني لانڊرنگ بابت 6 آڪٽوبر کان پهريان کان شروع ڪيسز اڳوڻي آرڊيننس جي تحت جاري رهي سگهندا، جعلي اڪائونٽس جا پراڻا ڪيس به آرڊيننس تحت جاري رهي سگهندا. ترميمي آرڊيننس تحت ٺڳي ۽ فراڊ جا ڪيس واپس نيب ڏانهن اماڻيا ويا آهن، جڏهن ته مضاربا ڪيس به واپس نيب جي حوالي ڪيا ويا آهن. ٽئين ترميمي نيب آرڊيننس سان آصف زرداري، شاهد خاقان عباسي، مريم نواز ۽ شهباز شريف کي ڪو به رليف نه ملندو ۽ اڳ ئي داخل ٿيل سمورا مني لانڊرنگ جا ڪيس جيئن جو تيئن هلندا رهندا. ٽئين ترميمي آرڊيننس تحت ضمانت واري رقم جي تعين جو اختيار به نيب جي عدالت کي ڏنو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button